Sindhi Poetry | Spiritual & Literary Heritage

سنڌي شاعري

روح جي گہرائي، سنڌ جي مٽي ۽ لفظن جو سفر — ھر بيت ۾ محبت ۽ سچ جو عڪس

📖 Sindhi Poetry

غزل


 


غزل


ساجن منهنجو مرڪي ايندو
دل وارو آ سرڪي ايندو

جنهن کي مان چاهيندو آهيان
ڪانگل واگر ڀڙڪي ايندو

دل منهنجي ڳولي ٿي هن کي
ڪڏهن مون ڏي جرڪي ايندو

ڪيڏو شرمائي ٿو ساٿي
شر ميلو آ ڇرڪي ايندو

نازن وارو سهڻو سائين
دل جي کولي کڙڪي ايندو

عبدالحئي تو ڪنهن کي چاهين ٿو
نيڻن مان سو ڄرڪي ايندو

Most Popular