Sindhi Poetry | Spiritual & Literary Heritage

سنڌي شاعري

روح جي گہرائي، سنڌ جي مٽي ۽ لفظن جو سفر — ھر بيت ۾ محبت ۽ سچ جو عڪس

📖 Sindhi Poetry

وائي




وائي

ايندي ته چوندو مانس .
ها ايندي ته چوندو مانس .

هر پل توکي پئي ياد ڪيم
راتيون جاڳي انتظار ڪيم
ايندي ته چوندو مانس .

دل جي پردي تي تصوير تنهنجي
هردم تازي ياد رهي ٿي منهنجي
ايندي ته چوندو مانس .

پيار منهنجو ٿو کي پڪاري
هرهر پيو ٿو توکي ساري
ايندي ته چوندو مانس .

تون وئين صدين جو وڇوڙو ڪري
ساري توکي پئي دل ٿي ڏري
ايندي ته چوندو مانس .

عبدالحئي جو تون سان عشق سچو آ
رت سڪي وئي ڪجھ نه بچو آ
ايندي ته چوندو مانس .

Most Popular