سنڌي شاعري

روحاني تجربو ۽ دل جي گهرائيءَ سان ڀرپور سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ ڦيرو

📖 Sindhi Poetry

وائي


 

وائي

سهڻي تنهنجي صورت
من ۾ رهي پئي مورت
هن دل جو توکي چاهڻ

ڏسي ڪنڌ ٿي فيرائين
سوچيم اوهان جي فطرت
هن دل جو توکي چاهڻ

ڏسڻ تڙپائڻ عجب ادا
وڌي وئي آ شهرت
هن دل جو توکي چاهڻ

اوهان کي ڏٺوسين مٺي
لڳي ٿو آ پراڻي محبت
هن دل جو توکي چاهڻ

پيار سان پيار ٿو وڌي
اسان جي رهي آ عادت
هن دل جو توکي چاهڻ

چوڏس چانڊاڻ سونهن
خدا جي اها قدرت
هن دل جو توکي چاهڻ

عبدالحئي سمجھي ٿو
سومرا پيار کي عبادت
هن دل جو توکي چاهڻ