Sindhi Poetry | Spiritual & Literary Heritage

سنڌي شاعري

روح جي گہرائي، سنڌ جي مٽي ۽ لفظن جو سفر — ھر بيت ۾ محبت ۽ سچ جو عڪس

📖 Sindhi Poetry

وائي


 

وائي

سهڻي تنهنجي صورت
من ۾ رهي پئي مورت
هن دل جو توکي چاهڻ

ڏسي ڪنڌ ٿي فيرائين
سوچيم اوهان جي فطرت
هن دل جو توکي چاهڻ

ڏسڻ تڙپائڻ عجب ادا
وڌي وئي آ شهرت
هن دل جو توکي چاهڻ

اوهان کي ڏٺوسين مٺي
لڳي ٿو آ پراڻي محبت
هن دل جو توکي چاهڻ

پيار سان پيار ٿو وڌي
اسان جي رهي آ عادت
هن دل جو توکي چاهڻ

چوڏس چانڊاڻ سونهن
خدا جي اها قدرت
هن دل جو توکي چاهڻ

عبدالحئي سمجھي ٿو
سومرا پيار کي عبادت
هن دل جو توکي چاهڻ

Most Popular