Sindhi Poetry I Sindhi Ghazals I Sindhi Kaafy I Sindhi Shayari I Funny Poetry I Status Poetry

وائي

 


وائي

رات ڀر جاڳي مان ٿو گذاريان
روئي روئي مان ٿو نير وهايان
جڏهن ياد اچي ٿي تنهنجي
دل جي دنيا ويران آ
هر پل توکي ٿي پڪاريان
جڏهن ياد اچي ٿي تنهنجي
واعدا وچن سڀ ياد رکان ٿو
دردن جي دانهن نه ڪنهن کي ٻڌايان
جڏهن ياد اچي ٿي تنهنجي
سورن جي منهنجي زندگي آهي
ڏکڙن جي ٿو دنيا ڀائيان
جڏهن ياد اچي ٿي تنهنجي
چرين وانگي مان سومرا گھمان ٿو
عبدالحئي توکان ڇا مان لڪايا
جڏهن ياد اچي ٿي تنهنجي


 

No comments:

Post a Comment